About

منظور حسين لغاري جو پيدائشي نالو ڏتل خان لغاري آهي، پنهنجي وقت جي بهترين، فرض شناس، محنتي، لائق ڳوٺائي استاد ميوو خان لغاري جو ٻيو ۽ آخري پٽ آهي. سندس پيدائش 18 ڊسمبر 1931ع ڳوٺ بجراڻي لغاري ۾ ٿي. پرائمري تعليم پنهنجي والد استاد ميوو خان لغاري وٽ ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪيائين 1950ع ۾ نوشهري مدرسي مان مئٽرڪ پاس ڪري اين، اي، ڊي انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچي مان 1959ع ۾ پوزيشن سان ڊپلوما ڪيائين.

پي. ڊيبليو. ڊي ايريگيشن ڪوٽڙي بئراج، سکر بئراج ۽ دادو مورو پل تي سب انجنيئر جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. 15 ڊسمبر 1991ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. مئي 1983ع ۾ ڪيل ايران جي زيارتن تي لکيل سفر نامي کي فيبروري 2002ع ۾ سنڌي ساهت گهر طرفان ”ايران جو سفر“ نالي ڪتاب ڇپرايائين. انهيءَ کان علاوہ سندس وٽ لکيل مواد ڳوٺ بجراڻي لغاري جون يادگيريون ”نہ اُهي وڻ نہ واهيرا“ (جنهن ۾ ڳوٺ جو تعارف، مذهبي رسمون، معاشي زندگي، سماجي زندگي، ڪچهرين، شڪار وغيرہ)، دادو مورو پل تي سب انجنيئر جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ دوران گڏ ڪيل مواد ”دادو مورو پل جي ڪهاڻي سب انجنيئر جي زباني“ (جنهن ۾ پل جي رٿابندي، ڊزائين، حادثن، پل جي پڄاڻي بعد درپيش آيل مسئلا وغيرہ) ۽ انهيءَ کان علاوہ حج جو سفر پڻ اڻ ڇپيل پيل آهن.

سندس اولادن ۾ ڇھ پٽ ۽ ٽي نياڻيون آهن، پاڻ طبعت خراب ٿيڻ ڪري 25 آگسٽ 2013 ڪراچي ۾ پنهنجي ٻن فرزندن ذاڪر حسين ۽ رضا حسين سان گڏ ڏيکارڻ ويو ڪجھ وقت ڪراچي ۾ رهيو پوءِ واپس مورو آيو جتي آهستہ آهستہ طبعت خراب ٿيندي رهي، منظور حسين لغاري 21 نومبر 2013 ۾ وفات ڪئي. سين لغاري



Popular Posts